پي آءِ اي جي ڪراچي کان سکر ويندڙ پرواز وڏِي حادثي کان بچي وئي

پي آءِ اي جي ڪراچي کان سکر ويندڙ پرواز PK-536 وڏي حادثي کان بچي وئي، طياري ۾ سنڌ جي وزير بلديات ناصر شاهه، ميئر سکر ارسلان شيخ سميت ٻيا به مسافر سوار هئا।تفصيل موجب اڏام شروع ٿيڻ کان لڳ ڀڳ 17 منٽن بعد اوچتو فني خرابِي پيدا ٿي وئي، جنهن تي ڪپتان فوراً اي ٽي سي کي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ طياري کي واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو۔پي آءِ اي اختيارين مطابق اي ٽي آر طياري ۾ پيدا ٿيل فني خرابِي بابت مسافرن کي بروقت اطلاع ڏنو ويو، جڏهن⁠تہ ٽيڪنيڪل مسئلي سبب پرواز کي منسوخ ڪيو ويو آهي۔وزير بلديات ناصر شاهه سکر ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ روانو ٿي رهيو هو، پر پرواز منسوخ ٿيڻ بعد هو طياري مان لهِي ڪراچي ايئرپورٽ تان واپس هليو ويو۔

پنھنجي راءِ لکو