ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي مان عورتن جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ هيڪ ڪري ڀتو طلب ڪرڻ وارو ملزم گرفتار ڪيو ويو آهي۔ايس ايس پي ايس آءِ يو محمد عمران موجب ملزم عورتن جا اڪائونٽ هيڪ ڪري انهن کي هراسان ڪندو هو ۽ وڏين رقمون طلب ڪندو هو۔محمد عمران ٻڌايو ته ملزم گلشن معمار ٿاڻي ۾ داخل ڀتي جي مقدمي ۾ گھربل هو، ۽ هڪ عورت کان 10 لک رپيا ڀتو طلب ڪيو هو۔گرفتار ملزم وٽان ڀتي ۾ استعمال ٿيندڙ موبائل فون پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهنتہ ملزم جي سڃاڻپ اوساما جي نالي سان ٿي آهي۔ايس ايس پي موجب ملزم خلاف ايس آءِ يو ۾ مقدمو داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ سندس اڳيون رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو پيو وڃي۔
