ضلعي کنده کوٽ ۾ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي ۽ ايس ايچ او سڪندر علي پنهور جي جواں سال پٽ ۽ معصوم پوٽي جي شهادت کان پوءِ قاتلن جي اڃا تائين عدم گرفتاري خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي ضلعي اڳواڻن طرفان ٽاور چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي۔ريلي جي اڳواڻي دلمراد ڊاهاني ۽ سرمد جاگيراني ڪئي۔ ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چئي ڇڏيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا معصوم ۽ بيگناهه شهيدن جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچائن۔اڳوڻن چيو ته ايس ايس پي جي ڪوششن سان ضلعي ۾ امن جو ماحول بهتر ٿيو آهي پر ڪجهه کوٽ ۽ ڪمزوريون اڃا موجود آهن جن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي۔ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي۔ريلي ۾ سياسي، سماجي شخصيتن ۽ ايس يو پي جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ ڪارڪنن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي نعرا هڻي رهيا هئا امن قائم ڪيو” ۽ “قبيلائي تڪرارن جو خاتمو ڪيو۔
