پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ مهراب جتوئي ٻاهران 30 سالن جو ڳوٺاڻو نوجوان اوغان پٽ امان الله جتوئي سولر پليٽ جي تارن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو. نوجوان اوغان جتوئي سولر پليٽ جي تارن ۾ ڦاٿل هو، جنهن کي ٻينڳوٺاڻن ڏسي تڪڙو تارن مان آزاد ڪيو، پر ان وقت تائين سندس موت ٿي چڪي هئي.ڳوٺاڻن سندس مڙهه گهر پهچايو ته گهر ۾ قهرام مچي ويو. اوچتو ٿيل هن حادثي سبب سمورو ڳوٺ ڏک ۾ مبتلا ٿي ويو آهي۔
