ايف آءِ اي جي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ن ملائيشيا ويندڙ 23 مسافر آف لوڊ

وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي ملائيشيا ويندڙ 23 مسافرن کي آف لوڊ ڪري ڇڏيو آهي۔ ترجمان ايف آءِ اي موجب اهي مسافر پرواز ڊي سيون 109 ذريعي ملائيشيا روانا ٿي رهيا هئا۔ترجمان جو چوڻ آهي ته مسافر ملائيشيا پهچي روپوش ٿيڻ ۽ غير قانوني طور تي نوڪري حاصل ڪرڻ جو ارادو رکندا هئا۔ مسافر مختلف ايجنٽن سان رابطي ۾ هئا ۽ وزٽ ويزا جي آڙ ۾ روزگار لاءِ پرڏيهه وڃي رهيا هئا۔اميگريشن پروفائلنگ دوران معلوم ٿيو ته مسافرن وٽ وزٽ ويزا لاءِ گهربل رقم موجود نه هئي۔ ان کان علاوه، هو ملائيشيا وزٽ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ لازمي بينڪ اسٽيٽمينٽ ۽ مالي ثبوت پيش ڪرڻ ۾ به ناڪام رهيا۔ترجمان ايف آءِ اي موجب مسافرن ملائيشيا پهچي وزٽ ويزا تي غير قانوني طور ڪم ڪرڻو هو، جنهن سبب کين ڪراچي ايئرپورٽ تي ئي آف لوڊ ڪيو ويو۔ ايف آءِ اي طرفان وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو