خيرپور ماءُ ڌيءَ قتل ڪيس ۾ بيگناهه ماڻهن کي نامزد ڪرڻ خلاف ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج

يرپور ڀرسان تعلقو ڪوٽ ڊيجي جي ڳوٺ گل محمد برڙو جي رهواسي سيد برادري جي مردن ۽ عورتن اڄ ٻيهر ايس ايس پي آفيس خيرپور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو۔ مظاهري جي اڳواڻي عمران شاهه، سيد قبول شاهه عرف پپن شاهه، سيد امداد شاهه، نواز علي برڙو، بگن برڙو، علي نواز برڙو ۽ رحمان برڙو سميت ٻيا ڪري رهيا هئا۔مظاهرين الزام هنيو ته ڇهه ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ فوت ٿيل معصوم نينگري رابيه برڙو ۽ سندس والده فہميده برڙو جي قتل جو ڪيس راجا برڙو جي مبينا سازش تحت سندن بزرگ هاشم شاهه عرف نجن شاهه، سلمان برڙو ۽ ٻين بيگناهه ماڻهن مٿان داخل ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر ظلم ۽ ناانصافي آهي۔احتجاج ڪندڙن چيو ته هو گذريل ٻن ڏينهن کان عورتن سميت احتجاج ۾ ويٺل آهن، پر اڃا تائين سندن دانهن نه ٻڌي وئي آهي۔ هنن پوليس جي جاچ تي به سخت اعتراض ظاهر ڪيو۔مظاهري ۾ شامل ماڻهن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ماءُ ڌيءَ قتل ڪيس جي اصل ماسٽر مائينڊ راجا برڙو کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ۽ بيگناهه نامزد ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪري شفاف جاچ ڪئي وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو