ايف آءِ اي ڪمرشل بينڪنگ سرڪل ڪراچي وڏي ڪارروائي ڪندي غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي گرفتار ٿيل ملزم جي سڃاڻپ محمد ڪنن جي نالي سان ٿي آهي، جنهن کي پي اي سي ايچ ايس ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو. ملزم بغير لائسنس ڪرنسي ايڪسچينج جو ڪاروبار ڪري رهيو هو. ڇاپي دوران ملزم وٽان 16 هزار آمريڪي ڊالر، موبائل فون ۽ غير قانوني ٽرانزيڪشن جا اهم ثبوت پڻ هٿ آيا.اختيارين جو چوڻ آهي ته ملزم رقم بابت ڪو به تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهيو. ملزم خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
