ڪراچي گل پلازا ۾ باهه 34 ڪلاڪن بعد ضابطو 14 ڄڻا فوت 59 لاپتا

ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازا ۾ لڳندڙ خطرناڪ باهه تي 34 ڪلاڪن کان پوءِ ضابطو آندو ويو آهي، جڏهن ته ڪولنگ جو عمل اڃا تائين جاري آهي۔چيف فائر آفيسر محمد همائون خان موجب هن حادثي ۾ 14 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي، جڏهن ته 59 ماڻهن بابت اڃا تائين ڪا به ڄاڻ ناهي ته اهي زنده آهن يا ملبے هيٺ دبجي ويا آهن۔عمارت جي خراب حالت سبب فائر فائٽنگ ڪڏهن ڪڏهن روڪڻي پئي، جڏهن ته امدادي ڪمن ۾ پاڪ فوج ۽ ايف ڊبليو او جون ڳريون مشينون پڻ شامل آهن۔ڊي آءِ جي ساؤٿ اسد رضا ٻڌايو ته سڃاڻپ کان محروم لاشون ايدهي سرد خاني منتقل ڪيون ويون آهن ۽ ريسڪيو آپريشن جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو