ايم اي جناح روڊ تي واقع مصروف تجارتي مرڪز گل پلازا جي صدر تنوير قاسم چيو آهي ته جيڪڏهن وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي ها ته باهه کي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي ها۔ هن باهه لڳڻ کان پوءِ ٿيندڙ امدادي ڪارروائين تي سخت بي اطميناني جو اظهار ڪيو آهي۔اي آر وائي نيوز سان ڳالهائيندي تنوير قاسم ٻڌايو ته ڇنڇر جي رات تقريباً 10 لڳي 10 منٽن تي عمارت ۾ باهه لڳي۔ جيئن ئي باهه جو اطلاع ٿيو، انتظاميا ۽ دوڪاندارن پاڻ باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ فائر اسٽيشن کي اطلاع ڏنو ويو، پر پهريون فائر ٽينڊر 50 منٽن جي دير سان پهتو۔صدر گل پلازا موجب فائر بريگيڊ جي گاڏي پهچڻ کان 20 منٽن اندر ئي پاڻي ختم ٿي ويو، جنهن سبب باهه تي ضابطو آڻڻ ممڪن نه رهيو ۽ نقصان وڌندو ويو۔تنوير قاسم چيو ته جڏهن وزيراعليٰ سنڌ واقعي واري هنڌ پهتو ته کيس سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته ميئر ڪراچي ايندڙ ڏينهن پهتو ۽ کيس ٻڌايو ويو ته رات ڀر اعليٰ اختيارين جي غير موجودگي سبب حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون۔هن وڌيڪ ٻڌايو ته باهه کي گرائونڊ فلور کان ٻئي فلور تائين پکڙجڻ ۾ لڳ ڀڳ 50 منٽ لڳا، جيڪڏهن ان وقت ڪارروائي ڪئي وڃي ها ته وڏي سانحي کان بچي سگهجي ها۔
