گل پلازا باهه واقعي بعد سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ٻيهر شروع پهرين کان ٽئين ماڙ تائين داخلا

ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازا ۾ باهه لڳڻ کان پوءِ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي۔ امدادي رضاڪارن ۽ ريسڪيو اهلڪارن پهرين، ٻي ۽ ٽئين ماڙ ۾ داخل ٿي لاپتا ماڻهن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي۔چيف فائر آفيسر محمد همايون موجب فرنٽ سائڊ تي فائر ٽيم ٽارچن جي مدد سان سرچنگ ڪري رهي آهي، پر ڪجهه هنڌن تي دونهون هجڻ سبب ڪارروائي ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن۔هن ٻڌايو ته عمارت اندر ملبو تمام گهڻو آهي ۽ مڪمل سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ۾ هڪ هفتي تائين لڳي سگهي ٿو۔ چيف فائر آفيسر موجب گل پلازا جي مسجد مان ڪو به ماڻهو نه مليو آهي جڏهن ته شروعاتي مرحلي ۾ فرنٽ سائڊ تي موجود دڪانن ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو هو۔محمد همايون جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمارت خستہ حال هجڻ سبب فائر ۽ ريسڪيو ٽيمون انتهائي احتياط سان ڪارروائي ڪري رهيون آهن۔ وڌيڪ عمارت مان نقد رقم ۽ قيمتي سامان به ڪڍيو ويو، جيڪو پوليس حوالي ڪيو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو