اسلام آباد: (سومر: 12 سيپٽمبر 2022ع) گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم حلفي بيان واري ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان غير مشروط معافي گهري ورتي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي چيف جج گلگت بلتستان راڻا شميم خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي راڻا شميم جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان غير مشروط معافي جمع ڪرائي ڇڏي آهي استدعا آهي ته غير مشروط معافي قبول ڪئي وڃي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته ڇا اوهان غير مشروط معافي سان گڏ حلفي بيان جمع ڪرايو آهي اوهان هن عدالت جي فيصلن تي تنقيد ڪريو ته ڇا هي عدالت نوٽيس نه وٺندي، جڏهن انصاف جي فراهمي کي تڪراري بنايو وڃي ته پوءِ نوٽيس وٺنداسين چيف جسٽس چيو ته غير مشروط معافي عدالت بابت ناهي پر پنهنجي کنيل قدم جو داغ ختم ڪرڻو هوندو آهي جيڪڏهن ڪو حقيقي معافي گهري ۽ ڪنڊڪٽ صحيح هجي ته عدالت کي معافي قبول ڪرڻ تي ڪوبه اعتراض نه آهي راڻا شميم جيڪڏهن پنهنجي حلفي بيان جي متن سان گڏ بيٺل آهي ته پوءِ سندس بيان صحيح آهي راڻا شميم طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس کان پوءِ سينئر ترين جج جو نالو حلفي بيان ۾ لکڻو هو سينئر ترين جج جي جڳهه جسٽس عامر فاروق جو نالو حلفي بيان ۾ غلط فهمي جي بنياد تي لکيو ويو بيان ۾ چيو ويو آهي ته لان ۾ چانهه تي ثاقب نثار سان ملاقات دوران ان جون ڳالهيون ٻڌيون مون اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي زبان مان سينئر پيوني جج جا لفظ ڪيترائي ڀيرا ٻڌا حلفي بيان حلفي بيان 3 سالن کان پوءِ 72 سالن جي عمر ۾ ذهني دٻاءُ ۾ لکيو راڻا شميم چيو ته غلط فهمي جي آڌار تي سينئر پيوني جج جي جڳهه جسٽس عامر فاروق جو نالو حلفي بيان ۾ لکي ڇڏيو غلطي تي ڏک پهتو آهي جنهن تي مان عدالت کان غير مشروط معافي گهران ٿو عدليه کي اسڪينڊلائز ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهان راڻا شميم جواب ۾ چيو آهي ته جڏهن کان پروسيڊنگ شروع ٿي آهي تڏهن کان ڏک جو اظهار ڪري رهيو آهيان منهنجي غلط فهمي جي بنياد تي جيڪا صورتحال پيدا ٿي شروعاتي ڏينهن کان ان جو اظهار ڪندو پيو اچان هن عدالت جو ڪوبه حاضر سروس جج هن تڪرار ۾ شامل ناهي هن چيو ته مان پنهنجي غلط فهمي تي هن عدالت جي سمورن حاضر سروس ججز کان غير مشروط معافي گهران ٿو. پاڻ کي عدالت جي رحم ڪرم تي ڇڏيان ٿو. عدالت کي گذارش آهي ته منهنجي معافي قبول ڪئي وڃي
