گل پلازہ ۾ 5500 رپيا مينٽيننس وصول ڪرڻ واري خبر ڪوڙي صدر منيجمنٽ ڪميٽي جو وضاحتي بيان

سانحو گل پلازہ کان پوءِ جتي ان جي تباهين جا مختلف پهلو سامهون اچي رهيا آهن، اتي سوشل ميڊيا تي ڪيترين ئي خبرن جي به چرچا ٿي رهي آهي۔ انهن وائرل خبرن مان هڪ ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته گل پلازہ مارڪيٽ ايسوسيئيشن دڪاندارن کان هر مهيني 5500 رپيا في دڪان مينٽيننس جي نالي تي وصول ڪندي رهي آهي ان دعويٰ سان گڏ هڪ مبينا رسيد جي تصوير به وائرل ڪئي وئي آهي، جنهن تي صدر تنوير پاستا جا دستخط ڏنا ويا آهن۔ ان کان پوءِ اهو سوال به اٿاريو ويو ته جيڪڏهن هر مهيني لکين رپيا وصول ڪيا پئي ويا ته پلازہ ۾ فائر الارم ۽ حفاظتي انتظام ڇو نه هئا۔گل پلازہ منيجمنٽ ڪميٽي جي صدر تنوير پاستا اي آر وائي نيوز جي پروگرام اليونٿ آور ۾ وضاحت ڪندي چيو ته وائرل خبر ۽ رسيد ٻئي سو سيڪڙو ڪوڙيون آهن۔ هن چيو ته جيڪڏهن مان ڪو فراڊ ڪريان ها ته رسيد تي پنهنجا دستخط ڇو ڪيان ها۔تنوير پاستا ٻڌايو ته وائرل رسيد تي ’’گل پلازہ مارڪيٽ ايسوسيئيشن‘‘ لکيل آهي، جڏهن ته اصل اداري جو نالو گل پلازہ منيجمنٽ ڪميٽي آهي۔ هن پروگرام دوران اصل رسيد به ڏيکاري، جنهن موجب هر دڪان کان ماهوار صرف 1500 رپيا مينٽيننس طور وصول ڪيا ويندا آهن۔هن وڌيڪ چيو ته سانحي کان پوءِ ميڊيا نمائندن دڪاندارن کان به پڇا ڪئي، جن پڻ تصديق ڪئي ته مينٽيننس جي مد ۾ ماهوار 1500 رپيا ئي ڏنا ويندا هئا۔

پنھنجي راءِ لکو