پاڪستان ۾ معاشي حالت بهتر ٿيڻ جا آثار نظر اچي رهيا آهن، جتي پاليسي ريٽ ٻن سالن ۾ رڪارڊ 22 سيڪڙو کان گھٽ ٿي ڪري 10 سيڪڙو کان به هيٺ اچي ويو آهي اسٽيٽ بينڪ جي تازه ٽي بل نيلا مي ڪومت جي قرض لاءِ منافع جي شرح 9.89 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل نيلا مي جي مقابلي ۾ 0.30 سيڪڙو گهٽ آهي۔حڪومت
تفصيل موجب ٽن مهينن جي ٽي بل تي منافع جي شرح 9.89 سيڪڙو رهي، جڏهن ته ڇهه مهينن جي ٽي بل تي 9.94 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي۔ ماهرن موجب شرحِ سُود ۾ هي گهٽتائي معيشت ۾ استحڪام، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين لاءِ خوش آئند آهي۔حڪومت جي سنجيده معاشي پاليسين ۽ اصلاحات جا نتيجا هاڻي واضح ٿي رهيا آهن، جنهن سان ملڪي معيشت ۾ اعتماد وڌي رهيو آهي ۽ مالي مارڪيٽ تي مثبت اثر پئجي رهيا آهن۔
