لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي جي او آر گيٽ حملي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حماد اظهر سميت ست غير حاضر جوابدارن کي اشتہاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ايڊمن جج منظر علي گل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدارن جي مسلسل غير حاضري تي دائمي وارنٽ گرفتاري جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔عدالت پاران جن جوابدارن خلاف دائمي وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، انهن ۾ حماد اظهر، زبير خان نيازي، اڪبر خان، مسعود احمد سبحاني، ارسلان بن بشارت، فاروق انجم ۽ حبيب احمد شامل آهن۔عدالت لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اشتہاري قرار ڏنل جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي۔
