وفاقي حڪومت جو اوورسيز پاڪستانين جي زمينن تي قبضي خلاف وڏو قدم 7 ڏينهن اندر فيصلي جو حڪم

وفاقي حڪومت اوورسيز پاڪستانين جي جائيدادن تي قبضي خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪندي اسلام آباد ۾ اهڙين شڪايتن تي 7 ڏينهن اندر فيصلو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي۔ميڊيا رپورٽن موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته سمندر پار پاڪستانين جي جائيداد جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو ۽ ڪنهن کي به سندن اثاثن تي قبضي جي اجازت نه ڏني ويندي۔ هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد اوورسيز پاڪستانين جي شڪايتن تي 7 ڏينهن اندر فيصلو ڪرڻ جا پابند هوندا۔محسن نقوي جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ اوورسيز پاڪستانين جي سيڙپڪاري جو ڀليڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن لاءِ محفوظ سيڙپڪاري وارو ماحول فراهم ڪيو ويندو۔ هن يقين ڏياريو ته سمندر پار ستانين جي اثاثن جي 100 سيڪڙو تحفظ لاءِ شفاف ۽ ترت ڪارروائي ڪئي ويندي

پنھنجي راءِ لکو