لاهور: ڀاٽي گيٽ مين هول حادثو، جوابدار 4 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

لاهور جي مقامي عدالت ڀاٽي گيٽ واري علائقي ۾ مين هول ۾ ڪري ماءُ ۽ ڌيءَ جي فوت ٿيڻ واري افسوسناڪ واقعي جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي چار ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.ضلعي ڪچهري لاهور ۾ جوڊيشل مجسٽريٽ شفقت عباس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جتي پوليس جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس عدالت کي ٻڌايو ته واقعي جي مڪمل جاچ، ذميوارن جي سڃاڻپ ۽ مضبوط ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ 14 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ضروري آهي.ڪيس ۾ پروجيڪٽ مينيجر اصغر سندھو، سيفٽي انچارج حنظله، سائيٽ انچارج احمد نواز سميت پنج جوابدار شامل آهن، جڏهن ته نجي ڪمپني سان واسطو رکندڙ ٻه ڀائر سلمان ۽ عثمان پڻ جوابدارن ۾ شامل آهن.ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيل جسماني ريمانڊ جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته هي واقعو هڪ حادثو هو. وڪيل موجب انساني همدردي جي بنياد تي متاثر خاندان کي هڪ ڪروڙ رپيا بطور هرجانو ادا ڪيا ويا آهن، جنهن جو چيڪ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد پوليس جي درخواست جزوي طور منظور ڪندي جوابدارن جو چار ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ڇڏيو.واضح رهي ته هي واقعو لاهور جي علائقي داتا دربار جي ويجهو پيش آيو هو، جتي کليل مين هول ۾ ڪري ماءُ ۽ ڌيءَ فوت ٿي ويون هيون. پوليس متوفي عورت جي مڙس ساجد جي فرياد تي ٿاڻو ڀاٽي گيٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي، جڏهن ته فريادي طرفان پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ٻين عملدارن تي غفلت ۽ لاپرواهي جا الزام پڻ لڳايا ويا آهن.واقعي کان پوءِ حڪومتي مشينري حرڪت ۾ اچي وئي، 47 عملدارن کي برطرف ڪيو ويو، جڏهن ته کليل نالن کي ڍڪڻ ۽ ترقياتي ڪمن واري علائقي ۾ لوهه جي باڙ لڳائڻ جا قدم کنيا ويا آهن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اهڙن حادثن کان بچي سگهجي.

پنھنجي راءِ لکو