بوضه ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ يومِ يڪجهتي ڪشمير اڄ سڄي پاڪستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي۔ڪشمير ۽ پاڪستان جي عوام وچ ۾ محبت، ڀائپي، مذهبي ۽ نظرياتي رشتا صدين کان قائم آهن، جيڪي اڄ جي ڏينهن تي وڌيڪ مضبوط نظر اچي رهيا هن۔ڏينهن جي شروعات فجر نماز کان پوءِ مسجدن ۾ خصوصي دعائن سان ڪئي وئي۔ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ علامه طاهر اشرفي مقبوضه ڪشمير جي آزادي ۽ امن لاءِ دعا ڪرائي۔ڪشمير ۽ پاڪستان کي ملائيندڙ قدرتي رستن تي انساني زنجيرون ٺاهي مظلوم ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو۔پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ سرڪاري سطح سميت مختلف سياسي، مذهبي ۽ سماجي تنظيمن طرفان جلسا، جلوس، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا پيا وڃن۔ريليءَ ۾ شريڪ ماڻهو پاڪستاني ۽ ڪشميري جهنڊا کڻي “ڪشمير بڻبو پاڪستان” جا نعرا هڻي رهيا آهن۔مقررین ڀارتي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن جي مذمت ڪندي ڪشميري شهيدن کي اجِ قيدت پيش ڪيو۔
مقررین گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو ڪشميري عوام سان ڪيل استصوابِ راءِ جو واعدو پورو ڪري۔ ان موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جو خصوصي اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو آهي۔واضح رهي ته ڪشمير هڪ بين الاقوامي طور تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي۔ يومِ يڪجهتي ڪشمير جو مقصد ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪرڻ آهي، ڇو ته منصفاڻي حل کانسواءِ علائقي ۾ دائمي امن ممڪن ناهي۔
