سپارڪو خلائي مشن لاءِ اميدوارن جي چونڊ مڪمل ڪري ورتي، پاڪستاني خلا باز جي تربيت جو آغاز

اسپيس اينڊ اپر ايٽموسفيئر ريسرچ ڪميشن (سپارڪو) پاڪستان جي پهرين انساني خلائي مشن لاءِ اميدوارن جي چونڊ جو مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي، جنهن کي جي خلائي پروگرام ۾ هڪ اهم سنگِ ميل قرار ڏنو پيو وڃي۔تفصيلن موجب شروعاتي اسڪريننگ کان پوءِ ٻن اميدوارن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي، جيڪي ڇهه مهينا خلا باز جي خاص تربيت حاصل ڪندا۔ تربيت مڪمل ٿيڻ بعد آڪٽوبر يا نومبر 2026ع ۾ هڪ اميدوار کي حتمي طور خلائي مشن لاءِ چونڊيو ويندو۔آءِ ايس پي آر موجب هي تاريخي لائي مشن پاڪستاني خلا باز کي چين جي خلائي اسٽيشن ڏانهن وٺي ويندو، جتي هو سائنسي ۽ تحقيقي سرگرمين ۾ حصو وٺندو۔واضح رهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ خلائي شعبي ۾ ٻطرفي ڪار بابت معاهدي تي فيبروري 2025ع ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون، جنهن تحت چين پنهنجي خلا باز پروگرام ۾ پاڪستان کي پهريون غير ملڪي شريڪ ملڪ طور شامل يو۔ماهرن جو چوڻ آهي ته هي خلائي مشن نه رڳو پاڪستان جي خلائي پروگرام کي نئون رخ ڏيندو، پر نوجوانن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڏانهن لاڙو وڌائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ندو۔

پنھنجي راءِ لکو