ڪراچي: انويسٽيگيشن پوليس ويسٽ سرجاني ٽائون ۾ نابالغ نياڻي سان جبري زيادتي ۾ ملوث ملزم کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔پوليس موجب ملزم 26 جنوري تي نابالغ نياڻي سان زيادتي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو هو، جنهن کي هاڻي ڪامياب ڪارروائي دوران گرفتار ڪيو ويو آهي۔ڊي آءِ جي ويسٽ ٻڌايو ته گرفتار ملزم جو نالو رحمت آهي، جيڪو هڪ بيڪري ۾ ملازمت ڪندو هو، جڏهن ته سندس خلاف اڳ ۾ ڪو به ڏوهاري رڪارڊ سامهون نه آيو آهي۔ڊي آءِ جي ويسٽ جو وڌيڪ چوڻ هو ته علائقي ۾ جنسي هراسانين جا ڪيترائي واقعا پيش آيا هئا ۽ امڪان آهي ته انهن سڀني وارداتن ۾ ساڳيو ئي ملزم ملوث هجي۔ پوليس طرفان ملزم کان وڌيڪ جاچ جاري آهي، جنهن بعد وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون۔
