اٽڪ جي علائقي خگواني ۾ گيس ليڪيج سبب هڪ گهر ۾ اوچتو زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ماڻهو زخمي ٿي پيا.ريسكيو عملدارن موجب ڌماڪو ايترو شديد هو جو ڪمري جي ڪچي ڇت ڪري پئي، جڏهن ته ملبو هيٺان دبجي 9 ماڻهو سخت زخمي ٿيا. ريسڪيو ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي ملبو هيٺان ڪڍي ٽي ايڇ ڪيو اسپتال حضرو منتقل ڪيو.هوڏانهن ان کان اڳ اسلام آباد جي ٿاڻي شمس ڪالوني جي حدن اندر پڻ گيس ليڪيج سبب هڪ گهر ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو هو، جنهن ۾ 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا. ڌماڪي سبب گهر جون ڀتيون ۽ ڇت پڻ ڪري پيون.يپيٽل ايمرجنسي سروس موجب زخمين ۾ هڪ مرد، ٻه عورتون ۽ ٻه ٻار شامل آهن. واقعي بعد ريسڪيو ٽيمون فوري طور تي پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون
