لاهور: بسنت جي ڪامياب ۽ محفوظ انعقاد تي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پاران لاهورين کي خراجِ تحسين

وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز لاهور ۾ بسنت جي ڪامياب ۽ محفوظ انعقاد تي شهر جي رهواسين کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي۔سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ مريم نواز چيو ته “شاباش لاهور”، شهرين حفاظتي ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪري حڪومت جي اعتماد کي برقرار رکيو، جنهن تي هوءَ تمام گهڻي خوش آهي۔مريم نواز چيو ته هن سال “محفوظ بسنت” جو تصور مڪمل طور ڪامياب رهيو، شهرين روايتي خوشين، کاڌن ۽ پتنگ بازي جو مزو به ورتو ۽ ساڳي وقت قانون ۽ ضابطن جي به پابندي ڪئي۔هن ٻڌايو ته شهر ۾ ممنوعه ڪيميڪل ڊور ۽ ڌاتي تار جو استعمال تقريبن نه هجڻ برابر رهيو، جنهن سبب جاني نقصان کان بچاءُ ٿيو ۽ بجلي جا ٽرانسفارمر پڻ محفوظ رهيا۔وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته لبرٽي ۽ اندرون شهر سميت سمورن علائقن ۾ 200 ڪلينڪ آن ويلز ۽ 21 فيلڊ اسپتال ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا۔مريم نواز اعلان ڪيو ته لاهور جو هي ڪامياب ماڊل هاڻي پنجاب جي ٻين شهرن ۾ پڻ متعارف ڪرايو ويندو۔ آخر ۾ هن عوام کان اپيل ڪئي ته اڄ بسنت جو آخري ڏينهن آهي، تنهنڪري اختتام تائين احتياط جاري رکي وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو