چڪ سونڊھا ۾ 3 سالن جو ٻار سيوريج جي کڏي ۾ ڪري فوت

بهاولنگر جي ڀرپاسي واري علائقي چڪ سونڊھا ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي کيڏندي 3 سالن جو معصوم ٻار سيوريج جي کڏي ۾ ڪري فوت ٿي ويو۔ريسكيو ذريعن موجب ٻار گهر ڀرسان کڏي جي ويجهو کيڏي رهيو هو ته اوچتو پير ترڪڻ سبب گندي پاڻي ۾ ڪري پيو ۽ ٻڏي ويو۔ اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيم پهچي ٻار کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، پر هو جانبر نه ٿي سگهيو۔فوت ٿيل ٻار جي سڃاڻپ علي حماد طور ٿي آهي۔ واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانيل آهي جڏهن ته وارثن تي غم جو پهاڙ ڪِري پيو آهي۔واضح رهي ته ڪراچي کانپوءِ پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ کليل مين هولز ۽ غير محفوظ سيوريج کڏيون انساني زندگين لاءِ وڏو خطرو بڻيل آهن۔ لاهور، گوجرانواله ۽ فيصل آباد جهڙن شهرن ۾ بلدياتي ادارن جي لاپرواهي سبب اڳ به اهڙا حادثا پيش اچي چڪا آهن۔

پنھنجي راءِ لکو