سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڪورنگي ۾ غير قانوني فوڊ اسٽيٽ ختم ڪرڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ سروس روڊ تي قائم غير قانوني فوڊ اسٽيٽ کي فوري طور ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي۔عدالت لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته ٻن هفتن اندر ان معاملي بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي۔ ڪيس جي ٻڌڻي دوران وزارت بلديات، ٽائون ناظم، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار ڌر بڻايا ويا هئا۔درخواست گذار جي وڪيل حسيب جمالي ايڊووڪيٽ عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته سروس روڊ ٽريفڪ جي رواني لاءِ انتهائي اهم هوندو آهي ۽ ان جي قانوني حيثيت ڪنهن به صورت ۾ ختم نٿي ڪري سگهجي۔ هن چيو ته ٽائون انتظاميا وٽ سروس روڊ کي فوڊ اسٽيٽ ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪو به قانوني اختيار موجود ناهي۔وڪيل موجب اهڙين تجاوزات سبب ٽريفڪ حادثن ۽ قيمتي انساني جانن جي ضايع ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو، جيڪو عوامي مفاد جي خلاف آهي۔ٻئي طرف ٽائون انتظاميا پنهنجي لکت ۾ جواب ڏيندي چيو ته فوڊ اسٽيٽ عوامي سهولت لاءِ قائم ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ 144 عارضي دڪان ۽ اسٽال لڳايا ويا هئا۔تنهن هوندي به سنڌ هاءِ ڪورٽ سروس روڊ تي هر قسم جي واپاري سرگرمي کي غير قانوني قرار ڏيندي فوڊ اسٽيٽ کي فوري ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو