اسلامي نظرياتي ڪائونسل هن سال رمضان المبارڪ لاءِ صدقو فطر، روزي جي فديي ۽ ڪفاري جي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔رمضان المبارڪ جي آمد ويجهو آهي ۽ مسلمان روزن، عبادتن ۽ غريبن جي مدد لاءِ تياريون ڪري رهيا آهن۔ صاحبِ حيثيت ماڻهو عيد جي خوشين ۾ غريبن کي شامل ڪرڻ لاءِ صدقو فطر ادا ڪندا آهن۔صدقو فطر (في فرد):
صدقو فطر ماڻهو پنهنجي حيثيت موجب اناج يا خشڪ ميون جي قيمت جي حساب سان ادا ڪري سگهي ٿو۔ڪڻڪ: 300 رپياجو: 1110 رپياکجور: 1800 رپياڪشمش: 3800 رپيا
منقو: 5400 رپيانوٽ: صدقو فطر رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن به ڏينهن ادا ڪري سگهجي ٿو، پر نماز عيد کان اڳ ادا ڪرڻ ضروري آهي۔روزي جو فديو:اهي ماڻهو جيڪي بيماري يا ڪنهن شرعي مجبوري سبب روزو نٿا رکي سگهن، انهن لاءِ هر روزي جو فديو لازم آهي۔ڪڻڪ: في روزو 300 رپيا، 30 روزن جو فديو 9 هزار رپياجو: في روزو 1100 رپيا، 30 روزن جو فديو 33 هزار رپياکجور: في روزو 1600 رپيا، 30 روزن جو فديو 48 هزار رپياڪشمش: في روزو 3800 رپيا، 30 روزن جو فديو 1 لک 14 هزار رپيا
منقو: في روزو 5400 رپيا، 30 روزن جو فديو 1 لک 62 هزار رپياروزي جو ڪفارو:بغير ڪنهن شرعي سبب جي ڄاڻي واڻي روزو ٽوڙڻ تي فرد کي لڳاتار 60 روزا رکڻا پوندا، يا جيڪڏهن اها سگهه نه هجي ته 60 مستحق ماڻهن کي ٻه وقت کاڌو کارائڻو پوندو۔
