شهر قائد ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي عملي کي اغوا ڪرڻ جي وڏي واردات پوليس جي بروقت ڪارروائي سان ناڪام بڻائي وئي۔ پوليس مقابلي کان پوءِ ٽيئي مغوي ملازم محفوظ بازياب ڪري ورتا جڏهن ته لکين روپين ماليت جو مسروقہ سامان پڻ برآمد ڪيو ويو۔پوليس موجب واقعو صبح سوير لائنز ايريا ۾ پيش آيو جتي نامعلوم هٿياربند جوابدارن ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيم کي يرغمال بڻائي اغوا ڪري ورتو۔ جوابدارن ٽيئي ملازمن کي سندن ئي گاڏي ۾ ويهاري مختلف علائقن ۾ گهمائيندا رهيا جڏهن ته سندن پنهنجي گاڏي پڻ گڏ هلندي رهي۔پوليس اختيارين ٻڌايو ته جوابدارن آرام باغ واري علائقي ۾ هڪ دڪان جا تالا ڪاٽي لکين روپين ماليت جو ڪاپر ۽ ٻيو سامان به ڪڍي ورتو۔مغوي ٽيم هوشياري ڏيکاريندي مددگار ون فائيڦٽن کي اطلاع ڏني ۽ گاڏي ۾ لڳل ٽريڪر ذريعي پنهنجي لوڪيشن فراهم ڪئي، جنهن بعد پوليس فوري ڪارروائي شروع ڪئي۔بوٽ بيسن واري علائقي ۾ پوليس ناڪابندي ڪئي ته جوابدارن فائرنگ شروع ڪري ڏني۔ پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 15 کان 16 گوليون هلائيون ويون۔ فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ جوابدار ڪي اليڪٽرڪ جي گاڏي ڇڏي پنهنجي گاڏي ۾ فرار ٿي ويا۔پوليس گاڏي جي پوئين حصي مان ٽيئي ملازم محفوظ بازياب ڪري ورتا آهن ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي۔
