ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان ڀارت خلاف فيورٽ آهي، عاقب جاويد

اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر عاقب جاويد چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڀارت خلاف فيورٽ آهي ۽ قومي ٽيم ڀارتي سورمن کي شڪست ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي۔

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته گذريل ڪجهه مهينن کان پاڪستان ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ تسلسل نظر اچي رهيو آهي، جيڪو وڏي ٽيم خلاف ڪاميابي لاءِ اهم عنصر آهي۔ هن چيو ته موجوده فارم کي ڏسندي اميد آهي ته پاڪستان روايتي حريف ڀارت کي شڪست ڏيندو۔

هن وڌيڪ چيو ته هن اهم مقابلي ۾ اصل جنگ ٻنهي ٽيمن جي اسپنرن وچ ۾ ٿيندي ۽ جيڪو وچ وارن اوورن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندو، اهو ميچ تي ڪنٽرول حاصل ڪندو۔

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ميچ کانپوءِ ڀارتي رانديگر هٿ ملائيندا يا نه، اهو وقت ٻڌائيندو، پر پاڪستاني رانديگر هميشه آءِ سي سي جي ضابطن تي سختي سان عمل ڪن ٿا۔

ٻئي پاسي اظہر محمود چيو ته پاڪ ڀارت ميچ لاءِ پاڪستان ٽيم جو امتزاج سٺو آهي ۽ جيڪڏهن رانديگر پاڻ تي ڪنٽرول رکندا ته شاندار مقابلو ڏسڻ ۾ ايندو۔

پنھنجي راءِ لکو