سپريم ڪورٽ جو حڪم: باني پي ٽي آءِ جو 16 فيبروري کان اڳ طبي معائنو ۽ ٻارن سان فون تي ڳالهائڻ جي هدايت

سپريم ڪورٽ باني پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) عمران خان جي جيل ۾ صحت ۽ سهولتن بابت اهم حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي۔ عدالت هدايت ڪئي آهي ته سندس اکين جو معائنو 16 فيبروري کان اڳ ڪرايو وڃي ۽ کيس پنهنجي ٻارن سان فون تي ڳالهائڻ جي سهولت ڏني وڃي۔

چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران فرينڊ آف ڪورٽ بئريسٽر سلمان صفدر پاران پيش ڪيل رپورٽ عدالت آڏو رکي وئي۔

بئريسٽر سلمان صفدر ٻڌايو ته هن 10 فيبروري تي عمران خان سان ٽي ڪلاڪ ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ رپورٽ تيار ڪئي وئي۔ رپورٽ موجب باني پي ٽي آءِ جيل ۾ سيڪيورٽي انتظامن ۽ کاڌي پيتي جي سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو۔

رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي هئي ته طبي معائنو ڪنهن فيملي ميمبر جي موجودگي ۾ ڪرايو وڃي، پر عدالت اها سفارش رد ڪري ڇڏي۔

سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته عمران خان جي اکين جو چيڪ اپ 16 فيبروري کان اڳ ڊاڪٽرن جي ٽيم ذريعي ڪرايو وڃي ۽ کيس ٻارن سان فون تي ڳالهائڻ جو موقعو پڻ فراهم ڪيو وڃي۔

اٽارني جنرل عدالت کي يقين ڏياريو ته حڪومت مقرر تاريخ کان اڳ عدالتي حڪم تي عمل ڪندي طبي معائنو ۽ فون ڪال کي يقيني بڻائيندي

پنھنجي راءِ لکو