ڪسٽمز ۽ ڪوسٽ گارڊز جون وڏيون ڪارروائيون، 4 ڪروڙ جي ڀارتي ڪاسميٽڪس ۽ اربين ماليت جي منشيات برآمد

ڪسٽمز انفورسمنٽ ڪارروائي ڪندي لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ روپين ماليت جي ڀارتي ٺهيل اسمگل ٿيل ڪاسميٽڪس برآمد ڪري ورتي، جڏهن ته پاڪستان ڪوسٽ گارڊز بلوچستان ۾ ڪارروائين دوران وڏي مقدار ۾ منشيات ۽ چاندي قبضو ۾ ورتي آهي۔ڪلڪٽرٽ آف ڪسٽمز انفورسمنٽ جي اينٽي اسمگلنگ آرگنائيزيشن (اي ايس او) ڪراچي جي بولٽن مارڪيٽ ويجهو فيروزوالا بلڊنگ ۾ موجود غير قانوني گودامن تي ڇاپو هنيو۔ ڪارروائي 10 ۽ 11 فيبروري 2026 تي مصدقہ انٽيليجنس اطلاعن جي بنياد تي ڪئي وئي۔ڪسٽمز اختيارين موجب ڪارروائي ڪليڪٽر معین الدين احمد واني ۽ ايڊيشنل ڪليڪٽر جي خاص هدايتن تي عمل ۾ آندي وئي۔ ضبط ڪيل عالمي برانڊز تي ٻڌل ڪاسميٽڪس جي مارڪيٽ قيمت تقريباً 4 ڪروڙ رپيا ٻڌائي وئي آهي۔ سامان کي ڪسٽمز ايڪٽ 1969 جي سيڪشن 168 تحت ضبط ڪري سيڪشن 171 تحت قانوني نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي۔ٻئي پاسي پاڪستان ڪوسٽ گارڊز بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ چيڪنگ دوران چرس، افيون ۽ چاندي وڏي مقدار ۾ برآمد ڪئي۔ ترجمان موجب برآمد ٿيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ 33 لک ڊالر (9 ارب رپين کان وڌيڪ) ٻڌائي وڃي ٿي۔ڪوسٽ گارڊز اختيارين جو چوڻ آهي ته منشيات ۽ چاندي بابت قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ سخت آپريشن جاري رهندا۔

پنھنجي راءِ لکو