مني لانڊرنگ جو الزام: ايف آءِ اي فرح گوگي ۽ سندس مڙس کي طلب ڪري ورتو

لاهور: وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) مبينه مني لانڊرنگ جي الزام ۾ احسن جميل گجر ۽ سندس گهر واري فرح گوگي کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.ايف آءِ اي نوٽيس موجب ٻنهي کي 17 فيبروري تي طلب ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته فرح خان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ خان جي ويجهي دوست آهي ۽ موجوده حڪمران پارٽين ۽ ٻين سياسي اڳواڻن طرفان سندس مٿان ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا آهن.