لاهور: لاهور جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس نيب کي واپس اماڻي ڇڏيو.عدالت نيب ترميمي ايڪٽ جي آڌار تي نوازشريف ۽ ٻين خلاف ريفرنس نيب ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو آهي. پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس ۾ نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏنو ويو هو جڏهن ته عدالت ۾ نوازشريف جي ملڪيت جي نيلامي تي اعتراض ٻڌڻي هيٺ هئا.احتساب عدالت ۾ يوسف عباس سميت ٻين اعتراض داخل ڪيا هئا. درخواستگذارن طرفان ايڊووڪيٽ محمد عرفان پيش ٿي دليل ڏنا ته نيب ترميمي ايڪٽ کان پوءِ اهو ريفرنس احتساب عدالت جي اختيار ۾ نٿو اچي. جنهن کان پوءِ احتساب عدالت نيب ترميمي ايڪٽ جي بنياد تي نوازشريف ۽ ٻين خلاف ريفرنس نيب ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو.
