عورت جج کي ڌمڪين وارو ڪيس: عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 20 سيپٽمبر تائين واڌ

اسلام آباد: (سومر: 12 سيپٽمبر 2022ع) ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري کي ڌمڪين بابت ڪيس ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 20 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان طرفان عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واي عدالت جي جج راجا جواد عباس ڪئي جڏهن ته تحريڪ انصاف چيئرمين پاڻ به عدالت ۾ پيش ٿيو. پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي عدالت کي ٻڌايو ته پٽيشنر اڃان تائين جاچ ۾ شامل ناهي ٿيو جڏهن ته عمران خان جي وڪيل چيو ته جاچ آفيسر وٽ عمران خان جو بيان موجود آهي پراسيڪيوٽر ٻڌائي ته ان کي ٽائيم وٺڻو آهي يا بحث ڪرڻو آهي جنهن تي پراسيڪيوٽر چيوته جي آءِ ٽي عمران خان ڏانهن 3 نوٽيس اماڻيا ته عمران خان جاچ جي لاءِ پيش ٿئي بابر اعواڻ چيو ته پراسيڪيوٽر جنهن سيڪشن جو حوالو ڏئي رهيو آهي ان ۾ جوابدار جو نه گواهن جو ذڪر آهي اهو ڪٿي لکيل آهي ته پوليس جي سامهون پيش ٿي ئي جاچ ۾ شامل ٿيڻو آهي ٻڌڻي دوران جج ريمارڪس ڏنا ته عمران خان جي پاڻ موجودگي ڪيئن ضروري آهي. سيڪشن 160 پڙهو جنهن تي اسپيشل پراسيڪيوٽر سيڪشن 160 پڙهي ٻڌايو بابر اعواڻ چيو ته مان به اهو سيڪشن پڙهڻ چاهيان ٿو ان ۾ لکيل آهي ته جاچ ڪندڙ گواهن کي گهرائي سگهي ٿو عمران خان هن ڪيس جو گواهه نه آهي قانون اسيمبلي ٺاهيندي آهي ان ۾ ڪو ٻيو اضافو نٿو ڪري سگهي مون بيان لکي ڏنو جنهن کي رڪارڊ تي ئي ناهي آندو ويو عمران خان جي وڪيل جي بيان تي اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته اهو ڪٿي لکيل آهي ته جاچ ۾ جوابدار جي بجاءِ وڪيل پيش ٿئي؟ اهو جاچ آفيسر تي ٻڌل آهي ته هو جاچ جو ڪهڙو طريقو استعمال ڪري عدالت اسپيشل پراسيڪيوٽر کي ٽوڪيندي چيو ته اوهان چوڻ چاهيو ٿا ته هن ۾ عدالت به مداخلت نٿي ڪري سگهي جنهن تي اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته جيڪڏهن عمران خان کي سيڪيورٽي جا خدشا آهن ته سيڪيورٽي جي ذميواري رياست مٿان آهي بابر اعواڻ چيو ته پوليس وارا عمران خان کي سيڪيورٽي ڏيندڙ نه پر ان کي گهيرو ڪندڙ هوندا آهن عمران خان پنهنجي سيڪيورٽي تي ڀروسو ڪندو آهي جنهن تي جج چيو ته سيڪيورٽي تي ڀروسي جو آپشن ٻيون نمبر آهي پهرين نمبر تي الله تي ڀروسو هجڻ گهرجي ان کان اڳ بابر اعواڻ عدالت کي درخواست ڪئي ته عمران خان جي گاڏي کي جوڊيشل ڪامپليڪس اچڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن تي جج چيو ته اها ڳالهه اوهان پهريان ٻڌايو ها ته اسان اڳ ئي اجازت ڏئي ڇڏيون ها جج بابر اعواڻ کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا عمران خان جاچ ۾ شامل ٿيو جنهن تي بابر اعواڻ چيو ته عمران خان جاچ ۾ شامل ٿي ويو آهي جاچ آفيسر پاڻ ئي ٻڌايو هو ته وڪيل ذريعي عمران خان جاچ ۾ شامل ٿي ويو آهي عمران خان جي وڪيل وڌيڪ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست تي نوٽيس ٿي چڪو آهي پوليس هاءِ ڪورٽ کي غلط ٻڌايو ته عمران خان جاچ ۾ شامل نه ٿيو جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان ڏانهن 3 نوٽيس اماڻيا پر عمران خان اڃان تائين جاچ ۾ شامل ناهي ٿيو وڪيل ذريعي هڪ بيان آيو هو جنهن تي هن چيو هو ته مان پاڻ پيش ٿيان دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج راجا جواد عباس چيو ته اوهان تائين بيان پهتو جنهن کي اوهان رڪارڊ جو حصو ئي ناهي ٺاهيو ان سان ته اوهان جي بدنيتي ثابت ٿئي ٿي عدالت پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪئي ته معاملي تي جي آءِ ٽي جي جوڙجڪ لاءِ عدالت جي رهنمائي ڪريو ايف آءِ آر داخل ڪندي ڪيترا ڏينهن ٿيا ۽ جي آءِ ٽي دير سان ڇو ٺهي هي جنهن ڏوهه جو ذڪر اوهان ڪري رهيا آهيو اهوئي تقرير جو معاملو اوهان کي ان لاءِ ذاتي حيثيت ۾ جوابدار ڇو گهرجي معاون پراسيڪيوٽر چيو ته جاچ آفيسر کي جوابدار کان سوال جواب ڪرڻا آهن جوابدار اچي، جاچ ۾ شامل ٿئي، جيڪڏهن جاچ آفيسر گهرايو آهي ته جوابدار کي پيش ٿيڻ ضروري آهي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج عمران خان جي وڪيل کان پڇيو ته ڇا اوهان کي جي آءِ ٽي ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ ۾ ڪا پريشاني آهي جنهن تي بابر اعواڻ جواب ڏنو ته لياقت علي خان سميت ڪيترائي اڳواڻ مارجي چڪا آهن عمران خان کي به سيڪيورٽي جا خدشا آهن جنهن کان پوءِ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 20 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ چيو ته ايندڙ ٻڌڻي ٻنپهرن جو 2 وڳي ٿيندي ته جيئن ماڻهن کي پريشاني نه ٿئي

پنھنجي راءِ لکو