يسل آباد مان اغوا ٿيل تاجر چڪوال پوليس ۽ موٽروے پوليس جي گڏيل آپريشن ۾ بحال

يسل آباد: يسل آباد مان اغوا ٿيل تاجر کي چڪوال پوليس ۽ موٽروے پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي بلڪسر انٽرچينج جي ويجهو کان بحال ڪري ورتو.تفصيل موجب، پنج نامعلوم ماڻهن پاڻ کي حساس اداري جا اهلڪار ظاهر ڪري تاجر کي اغوا ڪيو هو. مغوي تاجر ٻڌايو ته اغوا ڪندڙن کيس ٿانهه وٺي وڃڻ جو ڌوڪو ڏئي گاڏي ۾ ويهاري ورتو.پوليس ۽ موٽروے پوليس جڏهن بلڪسر انٽرچينج تي اغوا ڪندڙن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ملزمان گرفتاري جي خوف سبب مغوي تاجر ۽ پنهنجي ٻه گاڏيون ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.پوليس مختلف هنڌن تي ناڪه بندي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ٿانهه صدر، نيلا، ايليٽ فورس ۽ ريزرو فورس جو سرچ آپريشن پڻ جاري آهي.