جميشيد ٽائون ۾ پيشه ور گداگرن خلاف ڪاروائي، 100 کان وڌيڪ ڀڪاري گرفتار

ڪراچي (23 فيبروري 2026): شهر ۾ پيشه ور گداگرن خلاف مهم تيزي سان جاري آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر جميشيد ٽائون جي هدايتن تي گذريل چار ڏينهن دوران مختلف علائقن مان 100 کان وڌيڪ پيشه ور ڀڪاري گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيا ويا آهن.انتظاميه موجب گرفتار ڪيل ماڻهن مان 21 عورت ڀڪارين کي اصلاحي مقصدن لاءِ هڪ مقامي فلاحي اداري حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 14 سخت پيشه ور ڀڪارين خلاف قانون موجب باقاعده ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.سسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته هن مهم جو مقصد روڊن ۽ چوراهن تي شهرين کي تنگ ڪندڙ پيشه ور گداگر گروهن جو مڪمل خاتمو ڪرڻ آهي.انتظاميه واضح ڪيو آهي ته شهر ۾ وڌندڙ گداگري جي رجحان کي روڪڻ لاءِ هي مهم ايندڙ ڏينهن ۾ به جاري رهندي.