اڳتي ايندڙ مهيني مارچ ۾ سال 2026 جو پهريون ۽ واحد مڪمل چنڊ گرهن ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن کي عام طور تي “بلڊ مون” چيو ويندو آهي. هن دوران چنڊ ڳاڙهي يا نارنگي رنگ ۾ تبديل ٿي ويندو.تفصيل موجب هي مڪمل چنڊ گرهن 3 مارچ 2026 تي ٿيندو. آمريڪي خلائي اداري NASA موجب، گرهن دوران چنڊ جو پورو قرص لڳ ڀڳ 12 منٽن تائين ڳاڙهو رنگ اختيار ڪندو، جيڪو ڏسندڙن لاءِ انتهائي دلڪش منظر هوندو.ي 2026 جو س کان وڏو فلڪياتي مظاهرو هوندو، جيڪو بغير ڪنهن خاص اوزار جي محفوظ نموني ڏسي سگهجي ٿو. ناسا موجب مڪمل چنڊ گرهن ڏسڻ لاءِ اکين جي حفاظت جي ضرورت نه هوندي آهي۔هي گرهن اتر ۽ وچ آمريڪا، اوڀر ايشيا، آسٽريليا ۽ پئسفڪ سمنڊ جي ڪجهه علائقن ۾ چٽي نموني نظر ايندو، جڏهن ته وچ ايشيا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ڪيترن حصن ۾ جزوي طور ڏسي سگهجي ٿو. آفريڪا ۽ يورپ ۾ هي گرهن نظر نه ايندو.ماهرن موجب اهڙو مڪمل چنڊ گرهن ٻيهر 2028 کان اڳ نه ٿيندو، ۽ دنيا جي صرف لڳ ڀڳ 2 سيڪڙو ماڻهن کي اهو موقعو ملندو ته هو گرهن کي شروع کان آخر تائين ڏسي سگهن.اضح رهي ته مڪمل چنڊ گرهن تڏهن ٿيندو آهي جڏهن زمين، سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ اچي وڃي ٿي، جنهن سبب زمين جو پاڇو چنڊ تي پوي ٿو. زمين جي فضا مان گذرندڙ روشني چنڊ تائين پهچي ان کي ڳاڙهو يا نارنگي رنگ ڏئي ٿي۔
