سابق قومي ڪرڪٽر باسط علي انگلينڊ خلاف اڄوڪي اهم ميچ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي لاءِ بابر اعظم کان اوپن ڪرائڻ جي صلاح ڏني آهي۔پاڪستان اڄ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ انگلينڊ خلاف فيصلائتو ميچ کيڏي رهيو آهي۔ ڪاميابي پاڪستان کي سيميفائنل تائين پهچائي سگهي ٿي، جڏهن ته شڪست جي صورت ۾ فائنل فور ۾ پهچڻ ڏکيو ٿي ويندو ’هر لمحہ پرجوش‘ ۾ ڳالهائيندي باسط علي چيو ته اڄوڪو ميچ ڊو يا ڊاءِ آهي، تنهنڪري روايتي سوچ بدلائڻ ضروري آهي۔هن چيو ته انگلينڊ نئون بال ول جڪس کان ڪرائي رهيو آهي، جيڪو ليڦٽ هينڊ بيٽرز کي پريشان ڪري رهيو آهي۔ جيڪڏهن صائم ايوب يا صاحبزاده فرحان جلد آئوٽ ٿي ويا ته پاڪستان جي بيٽنگ مشڪل ۾ پئجي سگهي ٿي۔باسط علي موجب انگلينڊ جيان پاڪستان کي به پلان تبديل ڪرڻو پوندو۔ عادل رشيد ۽ ڊائوسن خلاف مڊل آرڊر ۾ ليڦٽ هينڊ بيٽرز هجڻ ضروري آهن۔هن وڌيڪ چيو ته اڄ جي ميچ ۾ شاهين شاهه آفريدي کي فھيم اشرف جي جاءِ تي کيڏايو وڃي سگهي ٿو۔سابق وڪيٽ ڪيپر ڪامران اڪمل چيو ته ٽيم ۾ ڪا وڏي تبديلي نه ٿيندي۔ هن چيو ته ول جڪس مڪمل بالر ناهي، جڏهن ته انگلينڊ وٽ اصل خطرو جوفرا آرچر ۽ عادل رشيد آهن، جن خلاف پاڪستان کي محتاط حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي۔
