پيپلز پارٽي جي اڳواڻن طرفان گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جو استعفيٰ گهريو وڃڻ تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ فاروق ستار سخت ردعمل ڏيندي صدر مملڪت آصف علي زرداري کان مستعفيٰ ٿيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو۔ميڊا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته پيپلز پارٽي کي ايم ڪيو ايم جو گورنر سنڌ هڪ به عهدو برداشت نٿو ٿئي۔ هن چيو ته صوبي ۾ هڪ ماڻهو به انهن کي نٿو وڻي، جيڪڏهن همت آهي ته مردن وانگر ميدان ۾ اچي مقابلو ڪيو۔فاروق ستار چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي گورنر سنڌ جي استعفيٰ جو مطالبو ڪري ٿي ته پوءِ اسان به صدر زرداري سميت پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي گورنرن کان استعفيٰ جو مطالبو ڪنداسين۔هن پيپلز پارٽي کي صلاح ڏيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجو نالو بدلائي سنڌ پيپلز پارٽي رکي۔ هن ملڪ جي سول ۽ عسڪري قيادت کي اپيل ڪئي ته ڪراچي جي ماڻهن کي پيپلز پارٽي جي چنگل مان آزاد ڪرايو وڃي۔فاروق ستار وڌيڪ چيو ته استثنيٰ صرف صدر مملڪت کي حاصل آهي، باقي ڪنهن کي ناهي۔ جڏهن صدر زرداري پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري سگهي ٿو ته گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري به ايم ڪيو ايم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري سگهي ٿو۔
