رمضان جي بابرڪت مهيني دوران دولت پور کان تعلق رکندڙ هڪ ڇوڪري رمضان راشن وٺڻ آئي هئي، جتي ٻه اڻڄاتل ملزمان کيس هڪ ورڪشاپ ۾ يرقمال بڻائي، هٿيارن جي زور تي مبينه طور اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو.
واقعي جي اطلاع ملڻ تي سٽي پوليس فوراً ڪارروائي ڪندي ملزمان خلاف مقدمو درج ڪيو ۽ گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون ٺاهي ويون آهن. پوليس جا اهلڪار چون ٿا ته متاثر ڇوڪري کي مڪمل قانوني ۽ طبي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي، ۽ ملزمان کي جلد از جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهره ۾ آندو ويندو.
