رمضان المبارڪ۾ هر سال جيان هن ڀيري به مهانگائي جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو آهي، جنهن سبب روزمره جي استعمال جون شيون خاص طور تي ميوا تمام مهانگا ٿي ويا آهن، تنهن هوندي به عوام لاءِ سستا ميوا خريد ڪرڻ جا طريقا اڃا به موجود آهن۔جڏهن رمضان جو چنڊ نظر اچي ٿو ته ساڳئي وقت مارڪيٽن ۾ مهانگائي به عروج تي پهچي وڃي ٿي۔ افطار جي دسترخوان جو لازمي حصو سمجهيا ويندڙ ميوا عام ماڻهن جي پهچ کان پري ٿيندا وڃن ٿا، خاص ڪري غريب طبقو انهن کي صرف ڏسڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو۔هن ڀيري به رمضان جي شروعات سان ئي ميون جون قيمتون اوچتو وڌي ويون آهن۔ اهڙي صورتحال ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته سستا ميوا آخر ڪيئن ۽ ڪٿان خريد ڪجن؟سيانا ماڻهن جو چوڻ آهي ته افطار کان اڳ دڪاندار گراهڪن جي مجبوري کي نظر ۾ رکندي من پسند اگهه وٺن ٿا، ڇاڪاڻتہ ان وقت ميون جي گهرج تمام گهڻي هوندي آهي۔تجربيڪار خريدار عام طور تي افطار کان پوءِ يا رات دير سان ايندڙ ڏينهن لاءِ ميوا خريد ڪندا آهن، جنهن سبب کين گهٽ اگهه تي بهتر معيار جا ميوا ملي ويندا آهن۔سيانن موجب رات دير سان خريدار گهٽ هجڻ سبب دڪاندار قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪندا آهن، جنهن سان في ڪلو يا في درجن اگهه ۾ سٺو خاصو فرق پئجي ويندو آهي۔عوام کي پڻ صلاح ڏني پئي وڃي ته جيڪڏهن هو رمضان دوران سستا ميوا خريد ڪرڻ چاهين ٿا ته افطار کان اڳ بدران افطار کان پوءِ خريداري کي ترجيح ڏين۔هاڻ سوال اهو آهي ته ڇا اوهان به هن رمضان سيانن جي صلاح تي عمل ڪندي سستا ميوا خريد ڪندا؟نهنجي راءِ ڪمينٽ باڪس ۾ ضرور ڏيو۔جيڪڏهن توهان چاهيو
