بلِيـدا: بلوچستان جي علائقي بلیدہ ۾ فتنہ هندستان سان لاڳاپيل دهشتگردن انتهائي وحشي ڪارروائي ڪندي هڪ بلوچ خاندان کي زنده ساڙي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن معصوم ٻارن سميت 6 ماڻهو شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا۔ذريعن موجب دهشتگردن پهرين رهائشي گهر تي مارٽر گولن سان حملو ڪيو، جنهن کان پوءِ گهر کي باهه لڳائي وئي، جنهن سبب گهر ۾ موجود سمورا ماڻهو ٻاهر نڪري نه سگهيا ۽ زنده سڙي ويا۔شهيد ٿيندڙن ۾ مسلم، ملا يوسف، فضيله، هڪ ساله گل ناز، 6 ساله زهره ۽ 4 ساله چنگيز شامل آهن، جڏهن ته زخمين کي تڪڙو ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن۔واقعي تي سخت ردعمل ڏيندي وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي چيو آهي ته معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو ۽ کين جلد ڪيفرِ ڪردار تائين پهچايو ويندو۔ٻئي طرف بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند چيو آهي ته بلِيـدا ۾ شهيد ٿيل ماڻهو نه سنڌي هئا ۽ نه ئي پنجابي، انهن بلوچستان جا وسيلا به نه کاڌا هئا۔هن سوال اٿاريو ته سيڪيورٽي آپريشنن تي تنقيد ڪندڙ سياستدان هن المناڪ واقعي تي خاموش ڇو آهن، دهشتگردن جي هٿان معصوم شهرين جي شهادت انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڏکائيندڙ عمل آهي۔
موسم جي صورتحال
More forecasts: Weather Johannesburg 14 days
