24 آگسٽ 2001 جي رات Air Transat جي فلائيٽ 236 Toronto کان Lisbon وڃي رهي هئي۔ تقريباً 3 ڪلاڪ 46 منٽن بعد ساڄي انجڻ مان ايندھن ليڪ ٿيڻ شروع ٿيو، پر عملي کي شروعات ۾ خبر نه پئي۔غلط پرزو لڳائڻ سبب فيول لائن ۽ هائيڊرولڪ لائن پاڻ ۾ ٽڪرائجي رهيون هيون، جنهن ڪري پائپ ۾ دراڙ پئي ۽ ايندھن تيزي سان وهي ويو۔ ڪجهه ئي دير ۾ ٻئي انجڻون بند ٿي ويون۔بحرِ اوقيانوس مٿان 300 کان وڌيڪ مسافرن سان جهاز مڪمل طور گلائيڊر بڻجي ويو۔ پائلٽ وڏي مهارت سان جهاز کي لڳ ڀڳ 120 ڪلوميٽر تائين گلائيڊ ڪرائي اَزورز جي تريسيئرا ٻيٽ تي ايمرجنسي لينڊنگ ڪرائي۔هي واقعو “اَزورز گلائيڊر” جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ سڀئي مسافر محفوظ رهيا۔ اهو واقعو اڄ به هوا بازي جي تاريخ ۾ هڪ معجزو سمجهيو وڃي ٿو۔
