بلڊ مون ۽ ايران-اسرائيل جي صورتحال: سازشي دعوائن جي حقيقت ڇا آهي؟

اڄ ٿيندڙ ‘بلڊ مون’ (ڳاڙهو چنڊ گرهن) ۽ ايران-اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ دعوائن جي حقيقت ظاهر ٿي وئي آهي۔مشرق وسطيٰ ۾ ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملا ٿيڻ سبب حفاظتي صورتحال ڪشيده آهي، پر سوشل ميڊيا ۽ ڪجهه مذهبي حلقا بلڊ مون کي عالمي تڪرارن سان ڳنڍي، ان کي دنيا جي پڄاڻي جي علامت قرار ڏئي رهيا آهن۔هي نظريو گردش ڪري رهيو آهي ته 2026 جو پهريون چنڊ گرهن يهودي تہوارن پوريم ۽ روش هاشانه جي ويجهو اچي رهيو آهي، جنهن کي ڪجهه گروپن پراڻين پيشگوئين مطابق عالمي جنگ جو پيش خيمو سمجهيو آهي۔سائنسي ماهرن واضح ڪيو آهي ته بلڊ مون رڳو فلڪي عمل آهي ۽ ان جو جنگ يا جاگرافيائي حالتن سان ڪو تعلق ناهي. هي هڪ قدرتي واقعو آهي، جنهن کي سازشي نظريو ۽ افواهن لاءِ غلط استعمال ڪيو پيو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو