پنجاب ۾ معدنيات جي ڳولا لاءِ جديد سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي، ڪينيڊين گروپ سان معاهدو

حڪومتِ پنجاب صوبي ۾ لڪل معدنيات ۽ قدرتي وسيلن جي دريافت لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جو وڏو قدم کنيو آهي۔ ان سلسلي ۾ P (پي بي آءِ ٽي) ۽ هڪ ڪينيڊين گروپ وچ ۾ باقاعده معاهدو طئي ٿي ويو آهي۔چيئرمين پي بي آءِ ٽي موجب هن شراڪتداري تحت سيٽلائيٽ مان حاصل ٿيل ڊيٽا کي جديد ريموٽ سينسنگ ۽ جيو اسپيشل ايناليٽڪس ذريعي ڪارآمد ڄاڻ ۾ تبديل ڪيو ويندو، جيڪا زمين هيٺ موجود معدني ۽ قدرتي ذخيرن جي صحيح سڃاڻپ ۾ مددگار ثابت ٿيندي۔هن وڌيڪ چيو ته جغرافيائي تجزياتي ٽيڪنالاجي جي مدد سان پنجاب ۾ موجود وسيلن جي بهتر منصوبابندي ممڪن بڻبي، جنهن سان نه صرف معدنيات جي ڳولا جي عمل ۾ تيزي ايندي پر صوبي جي معاشي ترقي جا نوان در به کلي سگهندا۔حڪومت جو چوڻ آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان وقت ۽ خرچ ۾ بچت ٿيندي ۽ معدني وسيلن جي سائنسي بنيادن تي سڃاڻپ يقيني بڻائي سگهبي، جيڪا مستقبل ۾ صنعتي ترقي لاءِ اهم قدم ثابت ٿيندي۔

پنھنجي راءِ لکو