امريڪا ڀارت کي روس مان تيل خريدڻ لاءِ هڪ مهيني جي عارضي اجازت ڏئي ڇڏي

امريڪا ڀارت کي روس مان هڪ مهيني لاءِ خام تيل خريدڻ جي عارضي اجازت ڏئي ڇڏي آهي۔غير ملڪي ذرائع موجب ايران سان جاري جنگ سبب عالمي تيل مارڪيٽ تي دٻاءُ وڌڻ بعد، امريڪا ڀارت کي 30 ڏينهن لاءِ روسي خام تيل خريد ڪرڻ جي محدود اجازت ڏني آهي۔رپورٽن موجب، امريڪي وزير خزانه اسڪاٽ بيسنٽ جو چوڻ آهي ته هي رعایت صرف سمنڊ ۾ موجود روسي تيل جي مخصوص ڪِهپ تائين محدود هوندي ۽ ان سان روس کي وڏو مالي فائدو نه ٿيندو۔خبر رساں ادارو رائٽرز موجب، امريڪا جي ٻن اعليٰ اهلڪارن چيو آهي ته واشنگٽن روس جي توانائي شعبي تي پابندين جي باوجود ڪجهه مخصوص ترسيل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ 30 ڏينهن جي عارضي رعايت منظور ڪئي آهي۔رپورٽن موجب هن فيصلي جو مقصد عالمي تيل جي فراهمي ۾ ممڪن خلل کي گهٽائڻ ۽ توانائي جي مارڪيٽ کي وڌيڪ دٻاءُ کان بچائڻ آهي۔

پنھنجي راءِ لکو