وزیراعظم شہباز شریف جي صدارت ۾ پيٽروليم مصنوعات جي اسٽاڪ ۽ استعمال تي هاءِ پاورڊ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ توانائي جي بهتر استعمال ۽ ايڌڻ جي بچت لاءِ مختلف قدمن تي غور ڪيو ويو۔اجلاس ۾ وزير خزانه محمد اورنگزیب بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته دفاتر، تعليمي ادارن ۽ خدمتون مهيا ڪندڙ ادارن لاءِ ڪم ڪندڙ ڏينهن گهٽائڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي۔ان تحت تعليمي ادارن ۾ ورچوئل نظام تعليم ۽ دفاتر لاءِ ورڪ فرام هوم پاليسي تي غور ڪيو ويو ته جيئن ايڌڻ جي استعمال ۾ گهٽتائي اچي۔حڪام موجب انهن قدمن سان پيٽروليم مصنوعات جي اسٽاڪ جو مؤثر استعمال ممڪن ٿيندو ۽ ملڪ ۾ ايڌڻ جي طلب گهٽجي ويندي۔اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تبديلي هفتيوار بنيادن تي ڪئي ويندي ۽ ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔ذرائع موجب وزیراعظم شہباز شریف اڄ ان حوالي سان اهم فيصلا ڪري سگهن ٿا۔
