اتحاد ايئرويز پاڪستان سميت دنيا ڀر لاءِ فلائيٽ آپريشن بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو

مشرقي وچ اوڀر ۾ وڌندڙ تڪرار جي سبب معطل ٿيل فضائي آپريشن کي اتحاد ايئرويز آهستي آهستي بحال ڪرڻ شروع ڪيو آهي۔فضائي ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته 6 مارچ 2026 کان پاڪستان سميت دنيا جي 50 اسٽيشڪن لاءِ پروازون ٻيهر شروع ٿي رهيون آهن۔اتحاد ايئرويز جي ترجمان چيو ته پاڪستان جي ٽن وڏن شهرن، ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد لاءِ فلائيٽ آپريشن اڄ کان مڪمل طور تي بحال ٿي چڪو آهي. يورپ، برطانيا ۽ وچ ايشيا لاءِ پڻ اڄ کان پروازون ٻيهر شروع ٿي رهيون آهن۔ڪمپني چيو آهي ته مجموعي طور دنيا جي 50 اسٽيشڪن تي آپريشن ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي ۽ 6 کان 19 مارچ تائين جامع فلائيٽ پلان تيار ڪيو ويو آهي ته جيئن مسافرن کي ڪنهن به تڪليف جو منهن نه ڏيڻو پوي۔مسافرن کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو ايئرپورٽ وڃڻ کان اڳ پنهنجي پرواز جو شيڊول ويب سائيٽ يا هيلپ لائين ذريعي تصديق ڪن۔ترجمان وڌيڪ چيو ته مشرقِ وسطیٰ جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي سڀني پروازن جي نگراني ڪئي پئي وڃي ته جيئن مسافرن جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو