مشرق وسطیٰ ۾ ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري جنگ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ تيزي، قطر جي توانائي واري وزير خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته قيمت 150 ڊالر في بيرل تائين وڃي سگهي ٿي۔
مشرق وسطیٰ ۾ ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌندڙ تڪرار عالمي توانائي مارڪيٽن تي اثر انداز ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ تيل جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ڏٺو پيو وڃي۔پرڏيهي ميڊيا موجب قطر جي توانائي واري وزير سعد الڪعبي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن جنگ سبب خليجي ملڪن جي توانائي پيداوار متاثر ٿي ته عالمي سطح تي خام تيل جي قيمت 150 ڊالر في بيرل تائين پهچي سگهي ٿي۔هڪ انٽرويو دوران سعد الڪعبي چيو ته مغربي ايشيا ۾ جاري تڪرار عالمي توانائي سپلاءِ لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو۔ جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته خليجي توانائي برآمد ڪندڙ ملڪ ڪجهه ڏينهن اندر پيداوار روڪڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا۔هن چيو ته اهڙي حالت ۾ تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، جنهن سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مهانگائي ۽ معاشي غير يقيني صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي۔قطر جي وزير مطابق جيتوڻيڪ جنگ جلد ختم به ٿي وڃي، تڏهن به عالمي تيل ۽ گيس جي سپلاءِ چين کي معمول تي اچڻ ۾ هفتن کان مهينن تائين وقت لڳي سگهي ٿو۔ٻئي پاسي مشرق وسطیٰ ۾ وڌندڙ تڪرار ۽ آبنائے هرمز جي صورتحال سبب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت 100 ڊالر في بيرل کان مٿي ٿي وئي آهي، جيڪو 2022 کان پوءِ پهريون ڀيرو ٿيو آهي۔برينٽ خام تيل جي قيمت 23 سيڪڙو واڌ سان 114.36 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي، جڏهن ته آمريڪي خام تيل 27 سيڪڙو واڌ سان 115.11 ڊالر في بيرل ٿي ويو آهي۔
واضح رهي ته ان کان اڳ ايراني فوج جي ترجمان پڻ بيان ڏنو هو ته جيڪڏهن مخالف ڌر 200 ڊالر في بيرل تائين تيل جي قيمت برداشت ڪري سگهي ٿي ته جنگ جاري رکي
