لاهور: جسٽس (ر) ملڪ محمد قيوم لاڏاڻو ڪري ويو.جسٽس (ر) ملڪ قيوم جي لاڏاڻي جي تصديق سندس گهرواري ڪئي آهي.خاندان موجب جسٽس (ر) ملڪ قيوم جي جنازي نماز لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ ادا ڪئي ويندي.جسٽس (ر) ملڪ محمد قيوم پنجاب جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر جاويد اڪرم جو ڀاءُ هو، هو لاهور هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو جسٽس ۽ پاڪستان جو اڳوڻو اٽارني جنرل رهي چڪو آهي.
ان کانسواءِ سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جو صدر پڻ رهيو.
