پاڪستان جي معاشي پاليسين ۽ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل (SIFC) جي سهڪار سبب عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيڻ لڳو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ وڏي چيني ايرو اسپيس گروپ پاڪستان ۾ 5 کان 10 ارب ڊالر تائين وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي آهي۔
تفصيلن موجب چيني سيڙپڪارن جي هڪ اعليٰ سطحي وفد وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستان جي معاشي حالتن، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ صنعتي سهڪار تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون۔
ملاقات دوران ٽيڪنالاجي جي منتقلي، صنعتي ترقي ۽ پاڪستان جي قدرتي وسيلن جي بهتر استعمال بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ چيني گروپ خاص طور تي مينوفيڪچرنگ شعبي ۾ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي۔وفاقي وزير قيصر احمد شيخ وفد کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حڪومت خصوصي اقتصادي زونز (SEZs) ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي خاص ٽيڪس رعايتون فراهم ڪري رهي آهي۔ هن چيو ته سيڙپڪاري جي عمل کي تيز ۽ آسان بڻائڻ لاءِ قانوني ۽ انتظامي رڪاوٽن کي به ختم ڪيو پيو وڃي۔هن وڌيڪ چيو ته SIFC جي ون ونڊو آپريشن ذريعي پرڏيهي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، جنهن سان صنعتي ترقي جي رفتار وڌي رهي آهي۔
معاشي ماهرن موجب جيڪڏهن چيني گروپ جي اها سيڙپڪاري عملي شڪل اختيار ڪري ٿي ته پاڪستان جي زرمبادله جي ذخيرن ۾ بهتري ايندي، جديد ٽيڪنالاجي ملڪ ۾ ايندي ۽ هزارين نوان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا۔
