ڪراچي (ويب ڊيسڪ): مشرقِ وسطىٰ جي ڇڪتاڻ جي باوجود پورٽ قاسم تي ايل پي جي جا 4 وڏا بحري جهاز لنگرانداز ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ مائع پيٽروليم گيس (LPG) جا وافر ذخيرو موجود هجڻ جو دعويٰ ڪيو ويو آهي۔
ايل پي جي ڊسٽريبيوٽرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عرفان کوکر موجب ‘ARIES’ نالي جهاز ذريعي 11 هزار ميٽرڪ ٽن ايل پي جي پهتي آهي، جڏهن ته ‘اٽلانٽڪ’ ۽ هڪ ٻئي جهاز ذريعي 12، 12 هزار ميٽرڪ ٽن گيس بندرگاهه تي پهتي آهي۔
وڌيڪ هن ٻڌايو ته ‘ULLSWATER’ 3700 ٽن ۽ ‘MD23’ 3500 ٽن ايل پي جي کڻي به پورٽ قاسم پهچي چڪا آهن۔
عرفان کوکر جو چوڻ آهي ته ايل پي جي جي سرڪاري قيمت 225 رپيا في ڪلو مقرر آهي، پر ڪجهه واپاري مشرقِ وسطىٰ ڇڪتاڻ ۽ عالمي اگهن ۾ واڌ جو جواز ڏيئي 350 کان 400 رپيا في ڪلو تائين وصول ڪري رهيا آهن۔
هن وڌيڪ چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ ايل پي جي جي قيمت ۾ 200 ڊالر في ٽن واڌ ٿي آهي ۽ آبنائي هرمز جي صورتحال سبب بحري ڪرائي ۾ به اضافو ٿيو آهي۔
تنهن هوندي به هن اميد ظاهر ڪئي ته نون ڪنساينمينٽس جي اچڻ سان ايندڙ ڏينهن ۾ ايل پي جي جي اگهن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي۔
