ايران ۾ ڇوڪرين جي اسڪول تي آمريڪي حملي جو الزام، روئٽرز جي تحقيقاتي رپورٽ ۾ نوان انڪشاف

برطانوي خبر ايجنسي روئٽرز پنهنجي تحقيقاتي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪيو آهي ته ايران تي جنگ جي پهرين ڏينهن ٿيل بمباري دوران هڪ ڇوڪرين جو اسڪول به سڌي طرح نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته عمارت تي اسڪول هئڻ جون واضح نشانيون موجود هيون۔رپورٽ موجب نشانو بڻيل شجره طيبه گرلز اسڪول ڪيترن سالن کان آن لائن موجود هو ۽ ان جي ويب سائيٽ تي شاگردياڻين جون تصويرون ۽ انهن جي تعليمي ۽ راندين واريون سرگرميون موجود هيون۔ ان کان علاوه عمارت مقامي ڪاروباري فهرست ۾ به اسڪول طور درج ٿيل هئي۔روئٽرز مطابق سيٽلائيٽ تصويرن مان پڻ ظاهر ٿيو آهي ته عمارت ڀرسان راندين جي ميدان جا نشان ۽ رنگين ڀتيون موجود هيون، جيڪي اسڪول هئڻ جون واضح نشانيون هيون۔ ان باوجود ان کي ميزائل حملي ۾ نشانو بڻايو ويو، جنهن بعد آمريڪي فوج جي هدف چونڊڻ واري عمل تي سوال اٿيا آهن۔جنيوا ۾ گڏيل قومن وٽ ايران جي سفير علي بحريني موجب شجره طيبه اسڪول کي 28 فيبروري تي نشانو بڻايو ويو۔ ايراني هلال احمر موجب هن حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ 175 تائين پهچي ويو آهي۔روئٽرز جي تحقيق مطابق عمارتن جي هڪ مجموعي تي ڪيترن ئي هٿيارن سان حملو ڪيو ويو، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ آمريڪي ٽوماهاڪ ڪروز ميزائل به شامل هو۔ حملي کانپوءِ سيٽلائيٽ تصويرن ۾ لڳ ڀڳ 325 ميٽر واري علائقي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ست ڌماڪن جا نشان نظر آيا جڏهن ته اسڪول جي ڇت ۾ وڏو سوراخ به ڏٺو ويو۔آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ممڪن آهي ٽوماهاڪ ميزائل ايران وٽ به هجن، پر هن پنهنجي بيان جي وڌيڪ وضاحت نه ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن آمريڪي عملدار ان دعويٰ جو ثبوت پيش ڪيو آهي۔پينٽاگون جو چوڻ آهي ته حملي بابت جاچ جاري آهي، پر هن اسڪول جي آن لائن موجودگي، سيٽلائيٽ تصويرن يا ان علائقي کي نشانو بڻائڻ واري فيصلي بابت تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي۔روئٽرز سان ڳالهائيندڙ ٻن ذريعن نالي ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ممڪن آهي ته حملي ۾ پراڻي هدف واري ڊيٽا تي ڀاڙڻ سبب غلطي ٿي هجي۔ريٽائرڊ آمريڪي ميرين آفيسر ۽ دفاعي ماهر مارڪ ڪينسيئن چيو ته ايران سان تڪرار جي صورت ۾ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ وٽ ممڪن هدفن جي ڊگهي فهرست هوندي آهي، تنهنڪري اهڙين فهرستن جو وقت بوقت وڌيڪ تفصيل سان جائزو وٺڻ ضروري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو